Thursday, 27 December 2012

اڄوڪو ڏينهن 26 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

اڄوڪي ڏينهن  26ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

26 ڊسمبر 1884ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ تعليمدان ۽ ليکڪ صاحب سنگهه شهاڻي جو جنم ڏينهن آهي.​
26 ڊسمبر 1951ع گلوڪار نند لال ڀاٽيا (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.​
26 ڊسمبر 1957ع سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي جو جنم ڏينهن آهي.​
26 ڊسمبر 1965ع ليکڪ انور بابر جو جنم ڏينهن آهي.​

وڇوڙو:

26 ڊسمبر 1530ع مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر جي وفات ٿي.​
26 ڊسمبر 1904ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم جي وفات ٿي.​
26 ڊسمبر 1933ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر حاجي مير محمد بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو.​
26 ڊسمبر 1953ع هالا سان تعلق رکندڙ تعليمدان مخدوم محمد صالح ڀٽي لاڏاڻو ڪري ويو.​
26 ڊسمبر 1955ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شاعر حافظ حيات شاهه جي وفات ٿي.​
26 ڊسمبر 1976ع شاعر عبدالله اثر لاڏاڻو ڪري ويو.​
26 ڊسمبر 1976ع شاعر مولوي ثناء الله سنائي جي وفات ٿي.​
26 ڊسمبر 1994ع اردوء جي نامياري شاعره پروين شاڪر جو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ اسلام آباد ۾ انتقال ٿيو.​
26 ڊسمبر 1997ع سائين جي ايم سيد جي نياڻي ۽ اسڪالر جيجي درشهوار سيد جو لاڏاڻو ٿيو.​
26 ڊسمبر 2006ع اردو جي ناليواري شاعر منير نيازي جو انتقال ٿيو.​
_______

حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو