اڄوڪي ڏينهن 21 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
21 فيبروري 1857ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر شمس الدين بلبل ( ميهڙ) جي پيدائش ٿي.
21 فيبروري 1886ع هالا جي بزرگ شخصيت مخدوم غلام محمد جو جنم ڏينهن
آهي.
21 فيبروري 1904ع ليکڪ ۽ صحافي پرڀداس برهمچاري (نوشهرو فيروز) جو جنم
ڏينهن آهي.
21 فيبروري 1924ع ليکڪ آتم رام لالواڻي (حيدرآباد) جو جنم
ڏينهن آهي۔
21 فيبروري 1930ع
ناليواري قانوندان، اديب، مفڪر ۽ سياستدان رسول بخش پليجو جي پيدائش ٿي.
21 فيبروري 1951ع فلم ڊائريڪٽر سيد نور جو جنم ڏينهن آهي.
21 فيبروري 1956ع شاعر عنايت ميمڻ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي۔
21 فيبروري 1965ع صحافي خادم حسين شيخ (ڪڍڻ) جو جنم ڏينهن آهي۔
21 فيبروري 1970ع شاعر محمد علي سهتو (صدر جون ڀٽيون) جو جنم
ڏينهن آهي۔
21 فيبروري 1980ع ليکڪ خالد سعيد پهنور (مڪلي) جو جنم ڏينهن
آهي۔
21 فيبروري 1980ع ليکڪ جمال ساگر گهانگهرو (سکر) جو جنم ڏينهن
آهي۔
وڇوڙو:
21 فيبروري 1934ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان ايسر داس
منسوخاڻي ديهانت ڪري ويو.
21 فيبروري 1977ع صحافي مقبول ڀٽي جي وفات ٿي.
21 فيبروري 1958ع ناليوارو مفڪر، عالم دين ۽ سياستدان مولانا
ابوالڪلام آزاد دهليء ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
21 فيبروري 1959ع شاعر امام الدين ضامن جو لاڏاڻو ٿيو.
21 فيبروري 1981ع شاعر عبدالله خواب جو انتقال ٿيو.
21 فيبروري 1985ع شاعر اظهر
ريلائي جو انتقال ٿيو.
21 فيبروري 2000ع موسيقار امداد
حسين جو انتقال ٿيو.
_______
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
وڌيڪ تفصيلن
لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو