Friday, 21 June 2013

اڄوڪو ڏينهن 21 جون تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  21جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

21 جون 1921ع فريڊم فائيٽر ڊاڪٽر ڀڳوانداس چندواڻي (سکر / اجمير) جي پيدائش ٿي.
21 جون 1932ع شاعر لائق سيتائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 جون 1944ع شاعر سيف ٻنوي جو جنم ڏينهن آهي.
21 جون 1951ع گلوڪار ڪشن ڪمار ڀولاڻي (جئپور) جي پيدائش ٿي.
21 جون 1953ع شهيدِ جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

21 جون 1037ع مشهور مسلمان سائنسدان، طبيب ۽ فلاسافر ابن سينا جو انتقال ٿيو.
21 جون 1935ع شاعر ۽ ليکڪ آخوند هدايت الله مشتاق هالائي جو انتقال ٿيو.
21 جون 1938ع مذهبي عالم مولوي عبدالحڪيم راجنپوري جو انتقال ٿيو.
21 جون 1947ع فريڊم فائيٽر حاجي عبدالرحيم شاهه (سجاول) جو انتقال ٿيو.
21 جون 1963ع فريڊم فائيٽر حاجي علي شير ڀرٽ جو انتقال ٿيو.
21 جون 1989ع ليکڪ غلام محمد سومرو (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو.
21 جون 2012ع سياستدان سيد اميد علي شاهه رضوي (ٽنڊو الهيار) جو لاڏاڻو ٿيو.
_______
  
حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو