Wednesday, 16 January 2013

اڄوڪو ڏينهن 16 جنوري تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 16 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

16 جنوري 1910ع گلوڪار، شاعر ۽ صحافي هوند راج ڏکايل (لاڙڪاڻو / اديپور) جو جنم ڏينهن آهي.​
16 جنوري 1913ع شاعر ۽ صحافي لکمي چند لاهوتي جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1916ع شاعر امان الله مهر جو جنم ڏينهن آهي.​
16 جنوري 1926ع ليکڪ گوپي موٽواڻي (نوشهرو فيروز / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1930ع مشهور شاعر استاد بخاري جو جنم ڏينهن آهي.​
16 جنوري 1947ع ليکڪ محمد اسحاق شيخ جو جنم ڏينهن آهي.​
16 جنوري 1964ع صحافي ۽ شاعر ارشاد گلاباڻي جو جنم ڏينهن آهي.​
16 جنوري 1984ع ليکڪ آسي بدر چنا جو جنم ڏينهن آهي.​
​
وڇوڙو:

16 جنوري 1918ع شاعر آخوند فقير محمد عاجز جو انتقال ٿيو.
16 جنوري 1935ع صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جي وفات ٿي.​
16 جنوري 1937ع مذهبي اسڪالر مولانا فتح علي جتوئي جي وفات ٿي.​
16 جنوري 1966ع فلاسافر، اسڪالر، شاعر، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ ساڌو واسواڻي ديهانت ڪري ويو.​
16 جنوري 1976ع شاعر زين العابدين شاهه زينل جي وفات ٿي.​
16 جنوري 1980ع شاعر حاجي الهه بچايو وفا لاڏاڻو ڪري ويو.​
16 جنوري 2006ع اردو ۽ سنڌي زبان جو ناليوارو شاعر ۽ اديب الياس عشقي سعودي عرب ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.​

16 جنوري 2014ع تعليمدان ۽ صحافي استاد لائق ٿيٻو وفات ڪري ويو.​
​___

حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

1 comment:

  1. الياس عشقي 12 جنوريءَ تي وفات ڪري ويو

    ReplyDelete