Thursday, 17 January 2013

اڄوڪو ڏينهن 17 جنوري تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 17 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

17 جنوري 1889ع شاعر عيسو فقير جو جنم ڏينهن آهي.​
17 جنوري 1904ع جيئي سنڌ تحريڪ جي باني ۽ عظيم رهبر سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي.​
17 جنوري 1906ع شاعر حادن فقير جو جنم ڏينهن آهي.​
17 جنوري 1925ع پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پهرين ڪپتان عبدالحفيظ ڪاردار جو جنم ڏينهن آهي.​
17 جنوري 1921ع سياستدان اصغر خان جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​
17 جنوري 1930ع شاعر ارجن حاسي جو جنم ڏينهن آهي.​
17 جنوري 1936ع شاعر محمد خان مسرور سيال جو جنم ڏينهن آهي.​
17 جنوري 1937ع اسٽيج اداڪار ۽ ليکڪ لڪشمڻ ڀنمڀاڻي (نوابشاهه /جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.​
17 جنوري 1942ع باڪسنگ جي عظيم رانديگر محمد علي ڪلي جو جنم ڏينهن آهي.​
17 جنوري 1945ع اردو هندي فلمن جي شاعر جاويد اختر جو جنم ڏينهن آهي.​
17 جنوري 1950ع شاعر ڪامل سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.​
17 جنوري 1977ع صحافي جاويد شيخ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.​
17 جنوري 1979ع ليکڪ، شاعر ۽ ڪمپيئر ياسر قاضي جو رتيديري ۾ جنم ٿيو.​
​
وڇوڙو:

17 جنوري 1918ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هالائي جي وفات ٿي.​
17 جنوري 1962ع ليکڪ ۽ سياستدان سيد غلام قادر لڪياري جي وفات ٿي.​
17 جنوري 1943ع سماج سڌارڪ راء بهادر اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا (شڪارپور) جي ديهانت ٿي.
17 جنوري 1967ع تعليمدان عبدالحسين شاهه موسوي جي وفات ٿي.​
17 جنوري 1975ع پاڪستان جي مشهور مصور عبدالرحمان چغتائي جي وفات ٿي.
17 جنوري 1980ع مذهبي اسڪالر فقير محمد پٺاڻ لاڏاڻو ڪري ويو.​
17 جنوري 1986ع سياستدان فاضل راهو کي شهيد ڪيو ويو.​
17 جنوري 1989ع مذهبي اسڪالر مولوي امير بخش گولو وفات ڪري ويو.​
17 جنوري 2009ع لوڪ راڳي محمد قاسم اوٺو جي وفات ٿي.​

17 جنوري 2009ع نامياري صحافي، ليکڪ، پبلشر ۽ سماج سڌارڪ استاد غلام رسول ميمڻ جو آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ انتقال ٿيو.​
​​___

حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو