Friday, 8 November 2013

اڄوڪو ڏينهن 8 نومبر تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 8 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

8 نومبر 1910ع سامي پريم داس جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔
8 نومبر 1921ع ڀارت جي سنڌي سياستدان ۽ اڳوڻي نائب وزير اعظم ايل ڪي آڏواڻي جي ڪراچي ۾ پيدائش ٿي.
8 نومبر 1928ع سماجي اڳواڻ مينگهراج تلريجا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
8 نومبر 1935ع ليکڪ مهر ڪاڇيلوي جو جنم ڏينهن آهي۔
8 نومبر 1936ع ناليواري ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار امر جليل جو روهڙيء ۾ جنم ٿيو۔
8 نومبر 1936ع نئين دهلي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ اداڪار آتم تلريجا روهڙيء ۾ پيدا ٿيو۔
8 نومبر 1949ع ليکڪ سرفراز صدف (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي۔
8 نومبر 1960ع ٺل سان تعلق رکندڙ شاعر رزاق بروهيء جو جنم ڏينهن آهي۔
8 نومبر 1960ع شاعر وفا ٻرڙي جو جنم ڏينهن آهي۔
8 نومبر 1968ع لاڙڪاڻي ڀرسان عاقل سان تعلق رکندڙ شاعر سعيد ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي۔

وڇوڙو:

8 نومبر 1875ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ تعليمدان ۽ ليکڪ ديوان ننديرام ميراڻي ديهانت ڪري ويو۔
8 نومبر 1921ع شاهه مردان شاهه ، ڪوٽ ڌڻيءَ، پيرڳوٺ وارو وفات ڪري ويو۔

8 نومبر 1995ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر م ن محزون جو انتقال ٿيو۔
8 نومبر 2002ع اردو جي نامياري ترقي پسند شاعر ۽ اسڪالر جون ايليا جو انتقال ٿيو.
_______

حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو

_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو