Saturday, 9 November 2013

اڄوڪو ڏينهن 9 نومبر تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 9 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

9 نومبر 1692ع ناليواري مذهبي اسڪالر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو جنم ڏينهن آهي۔
9 نومبر 1877ع شاعر مشرق علامه محمد اقبال جو جنم ڏينهن آهي۔
9 نومبر 1911ع اردو جي نامياري شاعر تابش دهلوي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 نومبر 1936ع ليکڪ، اداڪار ۽ هدايتڪار آتم تلريجا (روهڙي / دهلي) جي پيدائش ٿي۔
9 نومبر 1937ع سياست سان تعلق رکندڙ محمد خان سومرو جي پيدائش ٿي۔
9 نومبر  1938ع ناليواري ليکڪ ۽ اداڪار واسديوسنڌو ڀارتي (نصير آباد / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي۔
 9نومبر 1959ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ ليکڪ سيد پريل شاهه پيدا ٿيو۔
 9نومبر 1959ع اداڪاره روبينه اشرف جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

9 نومبر 1892ع سيد ميران محمد شاهه اول جي وفات ٿي۔
9 نومبر 1943ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا خليفو يار محمد انتقال ڪري ويو۔
9 نومبر 1953ع ناليواري سنڌي موسيقار ۽ لتا منگيشڪرجو استاد ماسٽر غلام حيدر لاهور ۾ وفات ڪري ويو۔
9 نومبر 2012ع ليکڪ محمد هاشم چنا (ٽنڊو محمد خان) جي وفات ٿي.
_______
  
حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو