Thursday 27 December 2012

اڄوڪو ڏينهن 26 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

اڄوڪي ڏينهن  26ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

26 ڊسمبر 1884ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ تعليمدان ۽ ليکڪ صاحب سنگهه شهاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
26 ڊسمبر 1951ع گلوڪار نند لال ڀاٽيا (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
26 ڊسمبر 1957ع سياسي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
26 ڊسمبر 1965ع ليکڪ انور بابر جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

26 ڊسمبر 1530ع مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر جي وفات ٿي.
26 ڊسمبر 1904ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم جي وفات ٿي.
26 ڊسمبر 1933ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر حاجي مير محمد بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو.
26 ڊسمبر 1953ع هالا سان تعلق رکندڙ تعليمدان مخدوم محمد صالح ڀٽي لاڏاڻو ڪري ويو.
26 ڊسمبر 1955ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شاعر حافظ حيات شاهه جي وفات ٿي.
26 ڊسمبر 1976ع شاعر عبدالله اثر لاڏاڻو ڪري ويو.
26 ڊسمبر 1976ع شاعر مولوي ثناء الله سنائي جي وفات ٿي.
26 ڊسمبر 1994ع اردوء جي نامياري شاعره پروين شاڪر جو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ اسلام آباد ۾ انتقال ٿيو.
26 ڊسمبر 1997ع سائين جي ايم سيد جي نياڻي ۽ اسڪالر جيجي درشهوار سيد جو لاڏاڻو ٿيو.
26 ڊسمبر 2006ع اردو جي ناليواري شاعر منير نيازي جو انتقال ٿيو.
_______

حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو