Sunday 9 December 2012

اڄوڪو ڏينهن 9 ڊسمبر تاريخ جي دري مان



اڄوڪي ڏينهن 9 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

9 ڊسمبر 1922ع سگهڙ ۽ شاعر هدايت علي سونهارو جو جنم ڏينهن آهي.
9 ڊسمبر 1939ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ صحافي شيخ عزيز جو جنم ڏينهن آهي.
9 ڊسمبر 1946ع هندستان جي ناليواري سياستدان سونيا گانڌي جو جنم ڏينهن آهي.
9 ڊسمبر 1946ع باليووڊ اداڪار شتروگهن سنها جو جنم ڏينهن آهي.
9 ڊسمبر 1952ع جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ سياستدان لياقت بلوچ جي پيدائش ٿي.
9 ڊسمبر 1970ع موري سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ الطاف سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
9 ڊسمبر 1974ع گلوڪار راحت فتح علي خان جو جنم ڏينهن آهي.
9 ڊسمبر 1988ع باليووڊ اداڪاره ديا مرزا جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

9 ڊسمبر 1753ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو جي وفات ٿي.
9 ڊسمبر 1874ع اردو جي مرثياگو شاعر مير انيس جو انتقال ٿيو.
9 ڊسمبر 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا صاحبڏنو ڀٽو جي وفات ٿي.
9 ڊسمبر 1958ع بزرگ سوامي اٽلرام جي ديهانت ٿي.
9 ڊسمبر 1958ع ليکڪ الهه بچايو سمون انتقال ڪري ويو.
_______
  
حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو