Friday 14 December 2012

اڄوڪو ڏينهن 14 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

اڄوڪي ڏينهن  14ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

14 ڊسمبر 1879ع ليکڪ منوهرداس ڪوڙومل (ڀريا/انڊيا) جي پيدائش ٿي.
14 ڊسمبر 1889ع ڪنڊياري سان تعلق رکندڙ سياستدان شاهنواز پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي.
14 ڊسمبر 1924ع باليووڊ جي مشهور اداڪار راجڪپور جي پيدائش ٿي.
14 ڊسمبر 1928ع ليکڪ گوبند ڀاٽيا (لاڙڪاڻو/ ممبئي) جي پيدائش ٿي.
14 ڊسمبر 1931ع اردو جي ناليواري شاعر ۽ فلاسافر جون ايليا جي پيدائش ٿي.
14 ڊسمبر 1938ع اداڪار ۽ گلوڪار پرمانند پارواڻي (حيدرآباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
14 ڊسمبر 1968ع صحافي جاويد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
14 ڊسمبر 1970ع صحافي ۽ ڪالم نگار امداد سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
14 ڊسمبر 1971ع شاعر قادر انصاري (ڳاڙهي موري) جو جنم ڏينهن آهي.
14 ڊسمبر 1973ع شاعره شبنم سيلرو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

14 ڊسمبر 1877ع صحافي مرزا مخلص علي علوي (ملتان / سنڌ) جي وفات ٿي.
14 ڊسمبر 1950ع نامياري نثر نويس، محقق، نقاد ۽ لطيف جي رسالي تي ڪم ڪندڙ غلام محمد شهواڻي جو انتقال ٿيو.
14 ڊسمبر 1984ع شاعر مستانو محمد شاهه انتقال ڪري ويو.
_______

حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو