Monday 14 January 2013

اڄوڪو ڏينهن 14 جنوري تاريخ جي دري مان

اڄوڪي ڏينهن  14جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

14 جنوري 1900ع اردو شاعر ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌري جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1924ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ صحافي شيخ عبدالرحيم جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1928ع صحافي ڪرنتي ڪمار (حيدرآباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1940ع سنڌ جي مشهور راڳي استاد محمد يوسف جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1955ع صحافي نور محمد ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1962ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ صحافي سليم اختر ڀَٽي جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1966ع شاعر منظو مولائي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:
14 جنوري 1935ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ آزادي پسند اچاريا گدواڻي ديهانت ڪري ويو.
14 جنوري 1961ع آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر شمس الدين شيخ جو انتقال ٿيو.
14 جنوري 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا عزيز الله ساند جي وفات ٿي.
14 جنوري 1974ع شاعر غلام شاهه مست جو انتقال ٿيو.
14 جنوري 1987ع ڪهاڻيڪاره نيلوفر جويو جو انتقال ٿيو.
14 جنوري 2011ع ناليواري چترڪار اي آر ناگوري جي وفات ٿي.
14 جنوري 2012ع دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر (9 سال) جي مائڪرو سافٽ سند يافته ارفع ڪريم لاهور جي اسپتال ۾ انتقال ڪري وئي.
_____

حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______


3 comments:

  1. سائين منھنجا! زبردست بلاگ ٺاھيو اٿو. اميد ته انھيءَ کي رت ست ڏيئي ھلائيندا ايندئو.

    ReplyDelete
    Replies
    1. مهرباني سائين
      سچ پڇو ته اوهان جهڙن مهربانن کان متاثر ٿي ڪم شروع ڪيو آهي. اميد ته رهنمائي ڪندا رهندا.

      Delete
  2. ..محمد يوسف 14 فبروري 1997ع ۾ وڃڙي ويو

    ReplyDelete