Sunday 27 January 2013

اڄوڪو ڏينهن 26 جنوري تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 26 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

26 جنوري 1925ع ليکڪ ڪيولرام نارسنگهاڻي (گمبٽ / کنڊاوا) جو جنم ڏينهن آهي.
26 جنوري 1926ع ليکڪ سلامت راء پارواڻي (سنڌ / الهاس نگر)جو جنم ڏينهن آهي.
26 جنوري 1926ع ليکڪ مير محمد نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي.
26 جنوري 1936ع ليکڪ قيمت راء هري سنگهاڻي (ڪراچي / ڀوپال) جو جنم ڏينهن آهي.
26 جنوري 1959ع شاعره روشن تبسم ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
26 جنوري 1945ع اردو ۽ پنجابي جي شاعر احمد سليم جو جنم ڏينهن آهي.
26 جنوري 1966ع شاعر حفيظ الله حامي جو جنم ڏينهن آهي.
26 جنوري 1973ع شاعر ساجن سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

26 جنوري 1879ع صوفي شاعر حمل فقير لغاري جي وفات ٿي.
26 جنوري 1912ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد يعقوب حاجاڻو لاڏاڻو ڪري ويو.
26 جنوري 1965ع سياستدان آغا بدرالدين دراني (شڪارپور) جو انتقال ٿيو.
26 جنوري 1969ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ڪڇي لاڏاڻو ڪري ويو.
26 جنوري 1976ع آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن حاتم علوي جو لاڏاڻو ٿيو.
26 جنوري 1982ع ليکڪ منير ماڻڪ (نوشهرو فيروز) جو انتقال ٿيو.
26 جنوري 1988ع سائنسسدان ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر ممتاز علي قاضي جو انتقال ٿيو.
26 جنوري 1998ع سماٽ تنظيم جي باني بهاول خان انڙ جو لاڏاڻو ٿيو.
26 جنوري 2003ع مشهور جرمن اسڪالر ۽ لطيف تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر اينيميري شمل جو انتقال ٿيو.
_______


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو