Wednesday 2 January 2013

اڄوڪو پهرين جنوري تاريخ جي دري مان

اڄوڪي ڏينهن پهرين جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهورشخصيتون

جنم ڏينهن:

1 جنوري 1901ع شاعر عبدالڪريم گدائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
1 جنوري 1902ع شاعر قاضي احمد ابڙو حاجن جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1914ع سگهڙ محمد خان ڪٽوهر جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1919ع شاعر ۽ تعليمدان ڊاڪٽر عطا محمد حامي جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1921ع فريڊم فائيٽر عبدالغفور ڀرڳڙي جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1921ع لاڙڪاڻي جي اسڪالر محمود شاهه بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1922ع مفتي محمد صالح ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1924ع شاعر مولا بخش ساگر جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1924ع ڪوٽڏجي جي مير عطا حسين ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1925ع سياستدان بيگم اشرف عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1925ع جيڪب آباد جي صحافي ۽ فريڊم فائيٽر رسول بخش شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1925ع ليکڪ پروفيسر اڪرم انصاري جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1934ع شاعر گل حسن گوپانگ شاد جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1934ع سياستدان مولانا جان محمد عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1934ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلى سيد غوث علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1935ع بدين جي محمد سومار شيخ جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1935ع پيرڳوٺ جي شاعر منير سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1937ع تعليمدان، عالم ۽ اديب حبيب الله صديقي پاٽائي جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1940ع عالم ۽ اديب امام بخش شمس جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1942ع سياستدان علي نواز شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1944ع سياستدان ظفر الله خان جمالي جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1949ع فنڪار استاد انور علي سانگي جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1949ع سياستدان ارباب حاجي عبد الله جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1950ع سياستدان عبدالسلام ٿهيم جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1951ع باليووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1951ع باليووڊ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1953ع تعليمدان ڊاڪٽر سيد انور علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1954ع ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو جو باڊهه ۾ جنم ٿيو.
1 جنوري 1957ع ڦلجي اسٽيشن سان تعلق رکندڙ شاعر، ليکڪ،صحافي ۽ سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر قربان علي جهتيال جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1958ع سياستدان ارباب عطاء الله جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1960ع صحافي، ليکڪ ۽ ترقي پسند شبير لاشاري جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1960ع سماجي ورڪر ۽ سگا جي سرگرم ميمبر اسماعيل پنهور جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1965ع ليکڪ انور ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1965ع اداڪار اسماعيل چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1971ع راڳي الطاف سمون جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1972ع ڪمپيوٽنگ ۽ سنڌي فونٽس جو ڪم ڪندڙ شبير ڪنڀار جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1974ع سياستدان امداد علي پتافي جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1975ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر بلوچ صحبت جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1975ع شاعر، ليکڪ ۽ سماجي ورڪر منظور اڄڻ جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1975ع باليووڊ اداڪاره سونالي باندري جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1976ع سياستدان پير احمد رضا شاهه جيلاني (راڻيپور) جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1978ع باليووڊ اداڪاره وديا بالن جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1979ع شاعر الطاف حسين خواجا جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1979ع شاعره عائشه ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
1 جنوري 1986ع گلوڪاره ممتاز ڪنول جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

1 جنوري 1901ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالله مري جي وفات ٿي.
1 جنوري 1964ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مولانا الاهي بخش اعواڻ لاڏاڻو ڪري ويو.
1 جنوري 1967ع ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ شاعر مولانا احمد علي مجزوب لاڏاڻو ڪري ويو.
1 جنوري 1981ع شاعر مرزا علي محمد بيگ مظفر جي وفات ٿي.
1 جنوري 1983ع باباءِ ثقافتِ سنڌ ۽ پهرين هندستاني سنڌي فلم ايڪتا جي هيرو رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ماتلي واري جي وفات ٿي.


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو


1 comment: