Friday 1 November 2013

اڄوڪو ڏينهن پهرين نومبر تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن پهرين نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

پهرين نومبر 1873ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير ديوان ديو مل دولترام (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين نومبر 1891ع سگهڙ حافظ دائود لاڙڪ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين نومبر 1903ع ناليوارو شاعر حڪيم محمد صادق طالب عباسي ( ڪي ان شاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين نومبر 1917ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ حبيب الله ڀٽو جو جنم ٿيو۔
پهرين نومبر 1931ع براڊڪاسٽر ۽ روحاني شخصيت الهه بخش شاهه بخاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين نومبر 1936ع ليکڪ ۽ گلوڪار وشن سدا رنگاڻي (حيدر آباد / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين نومبر 1941ع صحافي نياز رجباڻي (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين نومبر 1942ع ليکڪ ڊاڪٽر يوسف پهنور جو جنم ٿيو۔
پهرين نومبر 1945ع اديب ۽ ليکڪ قاضي خادم (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين نومبر 1945ع ناليوارو ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامه نويس عبدالقادر جوڻيجو پيدا ٿيو۔
پهرين نومبر 1945 خيرپور سان تعلق رکندڙ معروف سگهڙ عبدالرحمان مهيسر جو جنم ڏينهن آهي۔
پهرين نومبر 1946ع شڪارپور جو ليکڪ عبدالرحمان جتوئي پيدا ٿيو۔
پهرين نومبر 1947ع شاعر پيرل پرديسي سيتائي پيدا ٿيو۔
پهرين نومبر 1948ع ليکڪ امير بخش پٺاڻ جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين نومبر 1951ع ليکڪ ۽ پبلشر نظام الدين قمر ميمڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي۔
پهرين نومبر 1959ع صحافي ذوالفقار حيدر (شهداد ڪوٽ) جو جنم ٿيو۔
پهرين نومبر 1960ع شاعر ظفر ميمڻ (نوشهرو فيروز) جو جنم ٿيو۔
پهرين نومبر 1969ع شاعر سيد غلام مرتضى شاهه (قاضي احمد) جو جنم ٿيو۔
پهرين نومبر 1972ع دادو سان تعلق رکندڙ شاعر اسلم آسي جو جنم ٿيو۔
پهرين نومبر 1973ع باليووڊ جي خوبصورت اداڪاره ايشوريا راء جو جنم ڏينهن آهي۔

وڇوڙو:

پهرين نومبر 1939ع ناليواري راڳي، صوفي ۽ انسانيت جي پرچارڪ ڪندڙ ڀڳت ڪنور رام کي رُڪ اسٽيشن تي گولين جو شڪار ڪري شهيد ڪيو ويو.
پهرين نومبر 1972ع شاعر شفيع محمد عوج علوي (شڪارپور) جي وفات ٿي.
پهرين نومبر 1986ع هالا سان تعلق رکندڙ ماهر تعليم ۽ شاعر محمد اسماعيل عرساڻي جي وفات ٿي.
پهرين نومبر 2010ع سنڌي فلمن جي اداڪاره چڪوري جي وفات ٿي.
_______

حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو