Saturday 9 November 2013

اڄوڪو ڏينهن 9 نومبر تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 9 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

9 نومبر 1692ع ناليواري مذهبي اسڪالر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو جنم ڏينهن آهي۔
نومبر 1877ع شاعر مشرق علامه محمد اقبال جو جنم ڏينهن آهي۔
نومبر 1911ع اردو جي نامياري شاعر تابش دهلوي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
نومبر 1936ع ليکڪ، اداڪار ۽ هدايتڪار آتم تلريجا (روهڙي / دهلي) جي پيدائش ٿي۔
نومبر 1937ع سياست سان تعلق رکندڙ محمد خان سومرو جي پيدائش ٿي۔
نومبر  1938ع ناليواري ليکڪ ۽ اداڪار واسديوسنڌو ڀارتي (نصير آباد / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي۔
 9نومبر 1959ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ ليکڪ سيد پريل شاهه پيدا ٿيو۔
 9نومبر 1959ع اداڪاره روبينه اشرف جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

نومبر 1892ع سيد ميران محمد شاهه اول جي وفات ٿي۔
نومبر 1943ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا خليفو يار محمد انتقال ڪري ويو۔
نومبر 1953ع ناليواري سنڌي موسيقار ۽ لتا منگيشڪرجو استاد ماسٽر غلام حيدر لاهور ۾ وفات ڪري ويو۔
نومبر 2012ع ليکڪ محمد هاشم چنا (ٽنڊو محمد خان) جي وفات ٿي.
_______
  
حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو