Friday 29 November 2013

اڄوڪو ڏينهن 29 نومبر تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 29 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

29 نومبر 1933ع سنڌ جي اڳوڻي وزير اعلى ۽ سياستدان ممتاز ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي.
29 نومبر 1939ع ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر ممتاز مرزا جي پيدائش ٿي.
29 نومبر 1950ع اداڪار ۽ هدايتڪار هريش ٺاڪر (ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
29 نومبر 1972ع ليکڪ عبدالسميع ڪنڌر جو جنم ڏينهن آهي.
29 نومبر 1975ع شاعر ياسين بادل لاشاري (ڪامارو شريف) جو جنم ڏينهن آهي.
29 نومبر 1975ع ڪرڪيٽر يونس خان جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

29 نومبر 1882ع صوفي شاعر الهداد صوفي جو انتقال ٿيو.
29 نومبر 1938ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي پرمانند ميوارام جي ديهانت ٿي.
29 نومبر 1970ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اسماعيل اوڍي جي وفات ٿي.
29 نومبر 2005ع سنڌي فلمن جي ناليواري هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ اداڪار شاهه اسد جو دل جي دوري سبب انتقال ٿيو.
29 نومبر 2006ع مفتي ڪريم بخش مگسي جي وفات ٿي.
_______

حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو