Monday 25 November 2013

اڄوڪو ڏينهن 25 نومبر تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 25 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

25 نومبر 1879ع شاعر، ليکڪ ۽ فلاسافر ساڌو ٽي ايل واسواڻي (حيدرآباد / پونا) جو جنم ڏينهن آهي.
25 نومبر 1911ع ليکڪ ماني رام سائيناڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 نومبر 1914ع حيدر آباد سان تعلق رکندڙ اداڪار گوپي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 نومبر 1919ع شاعر، راڳي ۽ اداڪار ديپڪ آشا (ٽنڊو آدم / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
25 نومبر 1930ع نوشهرو فيروز سان تعلق رکندڙ سياستدان احمد علي خان جلباڻي جو جنم ڏينهن آهي.
25 نومبر 1942ع شاعر عبدالغفور عابد جو جنم ڏينهن آهي.
25 نومبر 1945ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ليکڪا ثريا سوز ڏيپلائي جو جنم ڏينهن آهي.
25 نومبر 1946ع ليکڪ نام ديو تاراچنداڻي (لقمان / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
25 نومبر 1952ع ناليواري ڪرڪيٽر ۽ سياستدان عمران خان جو جنم ڏينهن آهي.
25 نومبر 1959ع ليکڪ منظور علي مهيسر جو جنم ڏينهن آهي.
25 نومبر 1968ع شاعر، ليکڪ ۽ سماجي ورڪر اسلم عباسي (مورو) جو جنم ڏينهن آهي.
25 نومبر 1973ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ صحافي عبدالسميع سومري جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

25 نومبر 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا عبداللطيف جي وفات ٿي.
25 نومبر 1985ع سگهڙ محمد خان لاڙڪ جي وفات ٿي.
25 نومبر 1999ع شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر تنوير عباسي جي اسلام آباد ۾ وفات ٿي.
25 نومبر 2013ع نامياري اسڪالر ۽ عالمِ دين علامه عبدالغفور قاسمي سجاولي جو انتقال ٿيو.
_______

حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو