Saturday 31 August 2013

اڄوڪو ڏينهن 31 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان



اڄوڪي ڏينهن 31 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

31 آگسٽ 1916ع هندستاني شاعره ۽ ليکڪا امرتا پريتم جو جنم ڏينهن آهي.
31 آگسٽ 1915ع سياستدان ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مير علي احمد ٽالپر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 آگسٽ 1920ع ليکڪ لوڪ نوتاڻي (ڀريا / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

31 آگسٽ 1909ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالقادر ڇڇر جي وفات ٿي.
31 آگسٽ 1940ع بزرگ هستي حاجي پير شاهه جو انتقال ٿيو.
31 آگسٽ 1943ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالغفور مهر جو انتقال ٿيو.
31 آگسٽ 1971ع ليکڪ رام چند ڀوراڻي جي ديهانت ٿي.
31 آگسٽ 1982ع مشهور تاريخدان، آرڪيالاجسٽ ۽ انگريز عملدار ايڇ ٽي لئمبرڪ جي وفات ٿي.
31 آگسٽ 1997ع دلين تي راڄ ڪندڙ برطانوي شاهي گهراڻي جي ملڪه ليڊي ڊيانا کي لنڊن ۾ روڊ حادثي ذريعي قتل ڪيو ويو.
31 آگسٽ 2007ع سياستدان ڄام علينواز خان انڙ جو انتقال ٿيو.
_______


حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

Friday 30 August 2013

اڄوڪو ڏينهن 30 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  30آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

30 آگسٽ 1899ع شاعر محمد موسى راز جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 آگسٽ 1948ع شاعر غلام قادر دلدار جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 آگسٽ 1953ع شاعر شاد ڪولاچي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 آگسٽ 1956ع شاعر گُل حسن ساٿي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
30 آگسٽ 1965ع ليکڪ، سماجي ۽ سياسي ورڪر ڊاڪٽر اسلم آزاد جو جنم ڏينهن آهي.
30 آگسٽ 1980ع ليکڪ نور محمد ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

30 آگسٽ 1968ع سماج سڌارڪ پير محمد پانڌياڻي جي وفات ٿي.
30 آگسٽ 1974ع شاعر علي محمد خالدي (ٺٽو) جو انتقال ٿيو.
_______

حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

Thursday 29 August 2013

اڄوڪو ڏينهن 29 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  29آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

29 آگسٽ 1829ع ليکڪ سيد ميران محمد شاهه (اول) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 آگسٽ 1906ع ليکڪ گُل سدارنگاڻي (ڪراچي / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 آگسٽ 1942ع تعليمدان ۽ اديب پروفيسر احسان دانش ڀٽو (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 آگسٽ 1970ع ليکڪ اويس قرني جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

29 آگسٽ 1940ع مذهبي اسڪالر مولانا خليل الرحمان مهر جو لاڏاڻو ٿيو.
29 آگسٽ 1952ع سياستدان قيصر خان بوزدار جو انتقال ٿيو.
29 آگسٽ 1953ع شاعر جمعو خان غريب جي وفات ٿي.
29 آگسٽ 1963ع قانوندان شمس الدين ابڙو (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.
29 آگسٽ 1989ع شاعر محمد ڇٽل فراز جي وفات ٿي.
29 آگسٽ 2002ع سياستدان الهه بخش ڀٽو جو انتقال ٿيو.
29 آگسٽ 2007ع نعت خوان الحاج خورشيد احمد جو انتقال ٿيو.
_______

حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

Wednesday 28 August 2013

اڄوڪو ڏينهن 28 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  28آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

28 آگسٽ 1931ع شاعره انيتا ڪمال پياسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1937ع ليکڪ ڀوڄ راڄ وڇاڻي (سنڌ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1939ع ليکڪ برج موهن (جاڳڻ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1942ع شاعر پير بخش پياسي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1950ع اداڪارشِو ڪمار شرما (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1950ع صحافي ۽ ڪمپيئر اسلم آزاد (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1960ع شاعر حبيب سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1965ع اداڪار احمد حسين ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1968ع ليکڪا، شاعره ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ امر سنڌو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

28 آگسٽ 1857ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران مير شهداد علي خان جي وفات ٿي.
28 آگسٽ 1990ع مذهبي اسڪالر ۽ بزرگ علامه محمد قاسم مشوري جو لاڏاڻو ٿيو.
28 آگسٽ 2002ع راڳي شفيع محمد جمن جو انتقال ٿيو.
28 آگسٽ 2005ع نورپور سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجه محمد عبدالرسول رتڙ جو انتقال ٿيو.
_______
  
حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

Tuesday 27 August 2013

اڄوڪو ڏينهن 27 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  27آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

27 آگسٽ 1929ع ليکڪ مراد علي مرزا (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 آگسٽ 1934ع گلوڪاره ڪملا ڪيسواڻي (ڪراچي / جيپور) جو جنم ڏينهن آهي.
27 آگسٽ 1940ع شاعر جمال پلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 آگسٽ 1972ع ريسلنگ جي چيمپيئن گريٽ خالي جو جنم ڏينهن آهي.
27 آگسٽ 1974ع ليکڪا، ڪمپيئر، عورتن جي حقن لاء جاکوڙيندڙ ۽ استاد اڳواڻ عرفانه ملاح جو جنم ڏينهن آهي.
27 آگسٽ 1974ع ڪرڪيٽر محمد يوسف جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

27 آگسٽ 1876ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد عاقل (ٻيون) جي وفات ٿي.
27 آگسٽ 1976ع برصغير جو مشهور گلوڪار مڪيش ديهانت ڪري ويو.
27 آگسٽ 1984ع شاعر، سازندي، مصور ۽ اديب غلام رسول غلام ابڙوهالائي جي وفات ٿي.
27 آگسٽ 1986ع شاعر ذوالفقار راشدي جو انتقال ٿيو.
27 آگسٽ 1996ع صحافي، عبرت اخبار جي بانيڪار ۽ اڳوڻي وفاقي وزير قاضي عبدالمجيد عابد جو انتقال ٿيو.
27 آگسٽ 2006ع شاعر سليم انڍڙ جي وفات ٿي.
_______

اڄوڪي ڏينهن 27  آگسٽ جا ڪجهه اهم واقعا



حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

Monday 26 August 2013

اڄوڪو ڏينهن 26 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  26آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

26 آگسٽ 1824ع شاعر مير حسن علي خان حسن (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 آگسٽ 1910ع انساني خدمتن لاء پاڻ کي وقف ڪندڙ نوبل انعام يافته مدر ٽريسا جو جنم ڏينهن آهي.
26 آگسٽ 1922ع گلوڪار پرمانند کتري (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 آگسٽ 1924ع شاعر گرداس انواڻي (سنڌ / ناگپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 آگسٽ 1938ع شاعر نور سمون (خيرپور گمبوهه) جو جنم ڏينهن آهي.
26 آگسٽ 1956ع شاعر ڊاڪٽر ايم ادريس سومرو آزاد جو جنم ڏينهن آهي.
26 آگسٽ 1960ع مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر حافظ عبدالغني شيخ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
26 آگسٽ 1968ع سياسي اڳواڻ غلام قادر ڏاهري جو جنم ڏينهن آهي.
26 آگسٽ 1956ع شاعر ڊاڪٽر ايم ادريس سومرو آزاد جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

26 آگسٽ 2006ع بلوچ قومپرست اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي کي شهيد ڪيو ويو.
26 آگسٽ 2009ع ليکڪ ۽ ڪمپيئر حضور بخش آزاد جتوئي جو انتقال ٿيو.
_______

حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______