Tuesday 13 August 2013

اڄوڪو ڏينهن 13 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  13آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

13 آگسٽ 1915ع دانشور ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 آگسٽ 1918ع شاعر سليمان شاهه سالم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 آگسٽ 1924ع شاعر هزارو خان مجاهد جو جنم ڏينهن آهي.
13 آگسٽ 1931ع شاعر، اداڪار ۽ گلوڪار هارو لال ستايل (باڊهه / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
13 آگسٽ 1936ع سياستدان ڊاڪٽر حميده کهڙو جو جنم ڏينهن آهي.
13 آگسٽ 1937ع محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر پرسو گدواڻي (دادو / پونو) جو جنم ڏينهن آهي.
13 آگسٽ 1960ع شاعره حميده قاضي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
13 آگسٽ 1961ع باليووڊ اداڪار سنيل شيٽي جو جنم ڏينهن آهي.
13 آگسٽ 1963ع باليووڊ اداڪاره سري ديوي جو جنم ڏينهن آهي.
13 آگسٽ 1975ع ڪرڪيٽر شعيب اختر جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

13 آگسٽ 1817ع اسڪالر مخدوم ضياءُ الدين محمد جو انتقال ٿيو.
13 آگسٽ 1977ع ڪهاڻيڪاره ثميره زرين (شڪارپور) جي وفات ٿي.
13 آگسٽ 1992ع ڪهاڻيڪار ايشور چندر جي ديهانت ٿي.
13 آگسٽ 1999ع ٻاراڻي ادب لاء ڪم ڪندڙ ليکڪ اڪبر جسڪاڻي جي وفات ٿي.
13 آگسٽ 2000ع جديد موسيقي جي مشهور پاڪستاني گلوڪاره نازيه حسن جو انتقال ٿيو.
_______

حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو