Sunday 25 August 2013

اڄوڪو ڏينهن 25 آگسٽ تاريخ جي دريءَ مان



اڄوڪي ڏينهن 25 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

25 آگسٽ 1852ع صوفي شاعر پير ميان غلام نبي پنڃل (هالا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 آگسٽ 1937ع ليکڪ ڀوڄراڄ وشاڻي (سنڌ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 آگسٽ 1952ع شاعر قريشي نعمت الله صابر (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 آگسٽ 1955ع ليکڪ الهه بچايو پنهور جو جنم ڏينهن آهي.
25 آگسٽ 1962ع زرعي ماهر ڊاڪٽر عبدالله آريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 آگسٽ 1962ع بنگلاديش جي مشهور ناول نگار ۽ شاعره تسليمه نسرين جو جنم ڏينهن آهي.
25 آگسٽ 1978ع ليکڪ شهزاد عمران (گل مگسي) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

25 آگسٽ 1907ع مذهبي اسڪالر علامه عطاءُ الله فيروزشاهي جي وفات ٿي.
25 آگسٽ 1986ع شاعر درويش سيتائي جو انتقال ٿيو.
25 آگسٽ 1987ع شاعر استاد زيب سومرو جو انتقال ٿيو.
25 آگسٽ 1979ع سماج سڌارڪ بلاول شاهه حسيني (ڀٽ شاهه)  جو انتقال ٿيو.
25 آگسٽ 1998ع شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ اداڪاره ماروي کي ڪراچي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
25 آگسٽ 2008ع مشهور ترقي پسند شاعر احمد فراز جو انتقال ٿيو.
_______

حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو