Monday 11 November 2013

اڄوڪو ڏينهن 11 نومبر تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 11 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

11 نومبر 1888ع ڪانگريس رهنما ۽ اسڪالر مولانا ابو الڪلام آزاد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 نومبر 1903ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ شيوڪ رام (ٺارو شاهه / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 نومبر 1907ع ليکڪ لوڪرام دوديجا (شڪارپور / پونا) جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر 1916ع موسيقار پير محمد زمان شاهه هاشمي (مٽياري) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 نومبر 1921ع ليکڪ، صحافي ۽ مزاح نگار علي احمد بروهي جو ڳڙهي ياسين ۾ جنم ٿيو۔
11 نومبر 1930ع سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪا ۽ تعليمدان ايشوري جوتواڻي (سيوهڻ / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 نومبر 1945ع شاعر رضا شاهه رضا جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر 1948ع شاعر يونس کونهارو جو جنم ڏينهن آهي۔ 
11 نومبر 1948ع شاعر يونس کونهارو جو جنم ڏينهن آهي۔ 
11 نومبر 1957ع شاعر منظور قريشي جو جنم ڏينهن آهي۔ 
11 نومبر 1957ع راڳي امير حسن جو جنم ڏينهن آهي۔ 
11 نومبر 1962ع شاعر ليکڪ ۽ ريڊيو سان تعلق رکندڙ سيد ماڪن شاهه رضوي جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر 1969ع ليکڪ محسن رضا جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر 1987ع سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره صنم ماروي جو جنم ڏينهن آهي۔
11 نومبر ناليواري ڪالم نگار ۽ شاعر حسن مجتبى جو جنم ڏينهن پڻ آهي۔ 

وڇوڙو:

11 نومبر  1938ع بنگال سان تعلق رکندڙ آرڪيالاجسٽ اين جي مجمدار کي ڪاڇي ۾ دڙن جي کوٽائي دوارن نئين گاج ڀرسان ڌاڙيلن اوپرو سمجهي قتل ڪري ڇڏيو.
11 نومبر  1944ع بزرگ سيد محمد اسماعيل المعروف بيرنگ بادشاهه (آرائين) جو انتقال ٿيو.
11 نومبر  1988ع شاعر گُل حسن شاهه ”مجذوب“ جي وفات ٿي۔
11 نومبر  1999ع سماجي ڪارڪن عبدالرشيد عباسي (پير جو ڳوٺ) جي وفات ٿي۔
11 نومبر  2004ع پي ايل او سربراهه ۽ عظيم اڳواڻ ياسر عرفات جي وفات ٿي۔
11 نومبر  2012ع سابق وفاقي وزير قانون، انساني حقن واري ڪميشن جو چيئرمين اقبال حيدر ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو۔
_______

حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو