Friday 8 November 2013

اڄوڪو ڏينهن 8 نومبر تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 8 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

8 نومبر 1910ع سامي پريم داس جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔
8 نومبر 1921ع ڀارت جي سنڌي سياستدان ۽ اڳوڻي نائب وزير اعظم ايل ڪي آڏواڻي جي ڪراچي ۾ پيدائش ٿي.
8 نومبر 1928ع سماجي اڳواڻ مينگهراج تلريجا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
8 نومبر 1935ع ليکڪ مهر ڪاڇيلوي جو جنم ڏينهن آهي۔
8 نومبر 1936ع ناليواري ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار امر جليل جو روهڙيء ۾ جنم ٿيو۔
8 نومبر 1936ع نئين دهلي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ اداڪار آتم تلريجا روهڙيء ۾ پيدا ٿيو۔
نومبر 1949ع ليکڪ سرفراز صدف (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي۔
نومبر 1960ع ٺل سان تعلق رکندڙ شاعر رزاق بروهيء جو جنم ڏينهن آهي۔
نومبر 1960ع شاعر وفا ٻرڙي جو جنم ڏينهن آهي۔
نومبر 1968ع لاڙڪاڻي ڀرسان عاقل سان تعلق رکندڙ شاعر سعيد ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي۔

وڇوڙو:

8 نومبر 1875ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ تعليمدان ۽ ليکڪ ديوان ننديرام ميراڻي ديهانت ڪري ويو۔
8 نومبر 1921ع شاهه مردان شاهه ، ڪوٽ ڌڻيءَ، پيرڳوٺ وارو وفات ڪري ويو۔

نومبر 1995ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر م ن محزون جو انتقال ٿيو۔
8 نومبر 2002ع اردو جي نامياري ترقي پسند شاعر ۽ اسڪالر جون ايليا جو انتقال ٿيو.
_______

حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو

_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو