Monday 4 November 2013

اڄوڪو ڏينهن 4 نومبر تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 4 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

4 نومبر 1874ع خيرپور رياست جي اڳوڻي وزير سردار محمد ابراهيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 نومبر 1931ع شاعر گرڌاري لال گريجا (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 نومبر 1940ع مذهبي اسڪالر مولانا حافظ محمد اسماعيل کڏي واري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 نومبر 1942ع ناليواري ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن قاسم پٿر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 نومبر 1945ع سگهڙ گل فقير ملاح (ڪنب) جو جنم ٿيو۔
4 نومبر 1952ع صحافي حيدر عباس (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 نومبر 1966ع شاعر اقبال بخاري جو جنم ٿيو۔
4 نومبر 1971ع باليووڊ اداڪاره تبو (تبسم هاشمي) جو جنم ڏينهن آهي.
4 نومبر 1973ع ليکڪ حسين چنجڻي جو جنم ٿيو۔
4 نومبر 1980ع شاعر ۽ ليکڪ جبار بوزدار جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

4 نومبر 1946ع ناليواري روهڙي سان تعلق رکندڙ سياسي اڳواڻ قاضي علي محمد جو انتقال ٿيو.
4 نومبر 1982ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر نور هالائي جو لاڏاڻو ٿيو.
4 نومبر 1991ع مشهور شاعر، ليکڪ ۽ سياست سان تعلق رکندڙ خانصاحب عبدالڪريم پلي انتقال ڪري ويو.
4 نومبر 1994ع ڪلاسيڪل راڳي استاد فدا حسين خان جو انتقال ٿيو.
4 نومبر 2008ع اداڪار غلام حسين ڏيپر دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
_______

حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو