Friday 11 January 2013

اڄوڪو ڏينهن 11 جنوري تاريخ جي دري مان

اڄوڪي ڏينهن  11جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

11 جنوري 1927ع قمبر سان تعلق رکندڙ مولوي عبدالحئي (جامي چانديي جو والد) جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1932ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ سيد خادم حسين شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1937ع ڪرڪيٽر راهول ڊريوڊ جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1954ع ليکڪ ڀونء سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1956ع قمبر سان تعلق رکندڙ اديب ڀائو در محمد ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1962ع صحافي احمد بخش ڏيپر جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1962ع جهڏي سان تعلق رکندڙ شاعر موسا ڏيٿو جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1965ع ليکڪ صائب ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1966ع مزاحيه اداڪار عبدالمنان عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1971ع صحافي قيوم ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1980ع شاعر حاڪم ڪٽوهر جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1983ع شاعر محمد صالح خادم مهر جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

11 جنوري 1872ع مرزا فريد الدين بيگ (مرزا قليچ جو والد) لاڏاڻو ڪري ويو.
11 جنوري 1876ع شاعر مير سهراب خان مسڪين ثاني جو لاڏاڻو ٿيو.
11 جنوري 1927ع هالا سان تعلق رکندڙ اسڪالر ۽ صوفي مخدوم ظهيرالدين لاڏاڻو ڪري ويو.
11 جنوري 1938ع مذهبي اسڪالر مخدوم بصرالدين انتقال ڪري ويو.
11 جنوري 1965ع صحافي رامچند بچاڻي جي ديهانت ٿي.
11 جنوري 1966ع هندستان جي اڳوڻي وزير اعظم لال بهادر شاستري جي ديهانت ٿي.

11 جنوري 1978ع اردو جو مشهور شاعر ابنِ انشاء انتقال ڪري ويو.
11 جنوري 1993ع ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيت مخدوم محمد زمان طالب المولا لاڏاڻو ڪري ويو.
11 جنوري 1998ع تاريخدان ۽ تعليمدان دادا سنڌي جو انتقال ٿيو.
11 جنوري 2011ع اداڪار ايم يحيٰ ڀٽو ڪراچي جي اسپتال ۾ انتقال ڪري ويو.
  
حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو