Monday 7 January 2013

اڄوڪو ڏينهن 7 جنوري تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 7 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

7 جنوري 1886ع ڪراچي ميٽروپوليٽن جي اڳوڻي ميئر جمشيد مهتا جي پيدائش ٿي.
7 جنوري 1890ع شاعر نورل شاهه نورل جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1899ع ڊرامه آرٽسٽ خانچند درياڻي (حيدر آباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1907ع سياستدان گوڪل داس ڀاڳيا جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1913ع سياسي اڳواڻ غلام مصطفى ڀرڳڙي جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1925ع شاعر سعدالله سپاهي جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1930ع شاعر ارجن حاسد (ڪنڊيارو/ احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1939ع سائنسدان ڊاڪٽر وڏل شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1940ع شاعر محب الله تبريز شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1949ع شاعر مسڪين چنا جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1953ع ڪهاڻيڪاره، شاعره ۽ محققه ڊاڪٽر تهمينه مفتي جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1985ع شاعر نصر الله شاد گڏاڻي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

7 جنوري 1929ع ڪانگريس اڳواڻ ۽ شاعر راء بهادر سيٺ وشنداس ڀارواڻي ديهانت ڪري ويو.
7 جنوري 1933ع هالا جي شاعر پير ميان غلام حسين شيدا جي وفات ٿي.
7 جنوري 1953ع شاعر سردار گل محمد زيب مگسي (شهداد ڪوٽ) جو لاڏاڻو ٿيو.
7 جنوري 1975ع سياستدان مير بنده علي خان ٽالپر (ٽنڊو محمد خان) جو لاڏاڻو ٿيو.
7 جنوري 1986ع لاڙڪاڻي جو ليکڪ قربان بگٽي لاڏاڻو ڪري ويو.
7 جنوري 1986ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ ليکڪ محبوب علي جوکيو وفات ڪري ويو.
7 جنوري 2007ع محقق، شاعر ۽ ليکڪ انور پيرزادو لاڏاڻو ڪري ويو.
7 جنوري 2007ع علمي شخصيت احمد حسين اي قاضي (پاٽ شريف) جو انتقال ٿيو.
___

حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو