Monday 31 December 2012

اڄوڪو ڏينهن 31 ڊسمبر تاريخ جي دري مان

اڄوڪي ڏينهن  31ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

31 ڊسمبر 1892ع موسيقار آسر فقير جو جنم ڏينهن آهي.
31 ڊسمبر 1914ع ٽنڊي الهيار سان تعلق رکندڙ ليکڪ گُل محمد شاهه رضوي جو جنم ڏينهن آهي.
31 ڊسمبر 1930ع گلوڪار داس موٽواڻي (ڪوٽڙي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
31 ڊسمبر 1943ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر خليفي صبغت الله سومري جو جنم ڏينهن آهي.
31 ڊسمبر 1950ع اداڪار راجڪمار جهامناڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
31 ڊسمبر 1958ع وڪيل ۽ سياستدان اياز سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
31 ڊسمبر 1967ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ صحافي سيد معظم بخاري جي پيدائش ٿي.
وڇوڙو:
31 ڊسمبر 1944ع شاعر، فريڊم فائيٽر ۽ صحافي ابو شوڪت حمزه جي وفات ٿي.
31 ڊسمبر 1985ع تعليمدان پروفيسر اڪرم انصاري لاڏاڻو ڪري ويو.
31 ڊسمبر 1993ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالحئي گهوٽو انتقال ڪري ويو.
31 ڊسمبر 2008ع اداڪار سهراب مشوري ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري ويو.
31 ڊسمبر 2010ع گلوڪار امانت گل جو انتقال ٿيو.
_______
  
حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو