Saturday 1 December 2012

اڄوڪو ڏينهن پهرين دسمبر تاريخ جي دري مان

اڄوڪي ڏينهن  پهرين ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

پهرين ڊسمبر 1938ع اديب ۽ صحافي نصرت حسين ابڙو (مديجي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1938ع عادلپور سان تعلق رکندڙ شاعر قاضي حفيظ جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1940ع شاعر، صحافي ۽ اداڪار گورڌن گهايل (ميهڙ/پونا) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1940ع ٽالپر وڏا سان تعلق رکندڙ شاعر ڪرم ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1941ع ليکڪ، صحافي ۽ شاعر امير بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1945ع ليکڪ پنهل پنجوديرائيءَ جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1945ع شاعر شمس ڀيو جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1946ع محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1948ع صحافي فقير محمد عباسي (سوڀوديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1949ع اسڪالر ڊاڪٽر عبدالرسول قادري جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1949ع سياستدان ڊاڪٽر قادر مگسي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1952ع شاعر شاهه پسند فياض جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1952ع ليکڪ فياض بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1952ع شاعر شيوڪ نورت (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1953ع شاعر حاجي خان مسڪين (راضي جتوئي) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1955ع غزل جي ناليواري راڳي اُدت نارائن جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1956ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ديدار مٺياڻي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1956ع ليکڪ حافظ ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1958ع ٺري ميرواهه سان تعلق رکندڙ صحافي ممتاز شر جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1958ع شاعر افضل سولنگي (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1959ع ڪي اين شاهه سان تعلق رکندڙ ليکڪ شهاب عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1968ع شاعر وحيد محسن جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1968ع شاعر عاشق سمون (خانپور) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1969ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ صحافي ديدار سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1971ع سماج سڌارڪ فياض ڀان جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1972ع پبلشر ۽ نئون نياپو جي ايڊيٽر انعام عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1972ع شاعر، ليکڪ، ٻولي لاء ڪم ڪندڙ امر فياض ٻرڙو (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1974ع صحافي محمد سليم سيال جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1974ع ليکڪ برڪت پلهه جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1975ع صحافي زاهد راجپر جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1976ع دادو سان تعلق رکندڙ ليکڪ غلام مصطفى مگسي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين ڊسمبر 1977ع ارونا حسين جو جنم ڏينهن آهي. پاڻ پهرين سنڌي ڇوڪري آهي جنهن کي ننڍي عمر ۾ ئي ڪنهن ملٽي نيشنل ڪمپني جو CEO مقرر ڪيو ويو.
پهرين ڊسمبر 1981ع ليکڪ وحيد آگرو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

پهرين ڊسمبر 1904ع روهڙي سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر همٿ علي شاهه جي وفات ٿي.
پهرين ڊسمبر 1980ع اسڪالر، ليکڪ ۽ اداڪار منگهارام ملڪاڻي (حيدرآباد / ممبئي) جي ديهانت ٿي.
پهرين ڊسمبر 2003ع ناليواري مزاحيه ليکڪ ۽ صحافي علي احمد بروهي جي ڪراچي ۾ وفات ٿي.
_______

حواله:

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام



وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو