Wednesday 26 June 2013

اڄوڪو ڏينهن 26 جون تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  26جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

26 جون 1893ع شاعر ۽ بزرگ سيد نجي الله شاهه راشدي (پير ڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 جون 1927ع ليکڪ نور عباسي (ڀريا) جو جنم ڏينهن آهي.
26 جون 1944ع راڳي ڀڳت ارجن ڪنواڻي (گمبٽ / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
26 جون 1953ع شاعر اقبال شينو (دادو) پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 جون 1970ع شاعره پرهه سڪينه گاد (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

26 جون 1274ع مشهور اسلامي مفڪر ابو جعفر محمد نصير الدين طوسي جو انتقال ٿيو.
26 جون 1946ع سياستدان تهلرام لوڪومل جي ديهانت ٿي.
26 جون 1950ع موسيقار غلام علي چاڳلا (ڪراچي) جو انتقال ٿيو.
26 جون 1955ع صحافي تلوڪچند شرما (ڀريا / اجمير) جي ديهانت ٿي.
26 جون 1973ع شاعر محمد رمضان آزاد جو انتقال ٿيو.
26 جون 2005ع شاعر مجرم لغاري (جهڏو) جو انتقال ٿيو.
26 جون 2010ع مشهور شاعر احمد خان مدهوش (جوهي) جو لاڏاڻو ٿيو.
 _______
   
حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

1 comment: