Friday 27 September 2013

اڄوڪو ڏينهن 27 سيپٽمبر تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن 27 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

27 سيپٽمبر 1857ع سگهڙ قاضي الهورايو نظاماڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 سيپٽمبر 1933ع اداڪار ۽ ليکڪ سندر ڀوتاڻي (ڪراچي / ناگپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 سيپٽمبر 1935ع شاعر ڊاڪٽر قيوم تاراز (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
27 سيپٽمبر 1945ع شاعر محمد مراد مخل جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 سيپٽمبر 1961ع مذهبي اسڪالر مولوي ڊاڪٽر محمد ادريس السندي (ڪنڊيارو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
27 سيپٽمبر 1962ع شاعر محبت لونگائي جو جنم ڏينهن آهي.
27 سيپٽمبر 1970ع سوشل ايڪٽوسٽ، ليکڪ ۽ دانشور ذوالفقار هاليپوٽي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

27 سيپٽمبر 1328ع نامور عالم دين، مفر ۽ محدث ابن تيميه جو لاڏاڻو ٿيو.
27 سيپٽمبر 1966ع ليکڪ سيد پناهه علي شاهه (مورو) جو انتقال ٿيو.

27 سيپٽمبر 2013ع ٿر جو پارکو ۽ ٿر جي تاريخ چاچو علي نواز کوسو لاڏاڻو ڪري ويو۔
27 سيپٽمبر 2013ع شاعر شاهن باڊاهي جو انتقال ٿيو.
_______

حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو