Saturday 26 October 2013

اڄوڪو ڏينهن 26 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان

اڄوڪي ڏينهن  26آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

26 آڪٽوبر 1916ع شاعر سيد ابوالبشر ناچيز ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 آڪٽوبر 1925ع صحافي مينگهه راج وليچا (ڪراچي / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 آڪٽوبر 1925ع ليکڪ ڪيولرام نرسنگهاڻي (گمبٽ / خنڊوا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 آڪٽوبر 1931ع گلوڪار لکمي چند ڇاٻڙا (شڪارپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 آڪٽوبر 1936ع ليکڪ رام هنڱوراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 آڪٽوبر 1952ع ليکڪ امينا لالئي (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
26 آڪٽوبر 1965ع بزرگ شخصيت پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين جو جنم ڏينهن آهي.
26 آڪٽوبر 1971ع شاعر منصور سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.
26 آڪٽوبر 1974ع باليووڊ اداڪاره روينا ٽنڊن جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

26 آڪٽوبر 1882ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان شڪارپوري جو انتقال ٿيو.
26 آڪٽوبر 1938ع سياستدان ولي محمد شاهه (سيوهڻ) جي وفات ٿي.
26 آڪٽوبر 1940ع شاعر منگهارام غلام جي ديهانت ٿي.
26 آڪٽوبر 1988ع شاعر بردو سنڌي جي وفات ٿي.
26 آڪٽوبر 1992ع فلمي اداڪاره نير سلطانه جي وفات ٿي.
_______

حواله:


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو