Wednesday 30 October 2013

اڄوڪو ڏينهن 30 آڪٽوبر تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن 30 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

30 آڪٽوبر 1887ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 آڪٽوبر 1930ع شاعر ۽ اداڪار ايشور مفلس (سنڌ / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ ڪرشن ساٿي (نئون ديرو / رائپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 آڪٽوبر 1945ع سگهڙ الهه ڏنو ٻانهاڻي (رتو ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 آڪٽوبر 1961ع ليکڪ انس راجپر جو جنم ڏينهن آهي.
30 آڪٽوبر 1963ع صحافي نعيم اختر (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
30 آڪٽوبر 1967ع سماجي ورڪر پير محمد جوکيو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

30 آڪٽوبر 1932ع مذهبي اسڪالر مولانا محمود پٽائي جي وفات ٿي.
30 آڪٽوبر 1940ع شاعر ميان عبدالله مهر جي وفات ٿي.
30 آڪٽوبر 1947ع صحافي تيجورام شرما (ڪراچي) جي ديهانت ٿي.
30 آڪٽوبر 1981ع ليکڪ قاضي علي اڪبر درازي (روهڙي) جو انتقال ٿيو.
30 آڪٽوبر 1983ع صحافي حاجي محمود هالائي جي وفات ٿي.
30 آڪٽوبر 1984ع برصغير جي مشهور موسيقار خواجه خورشيد انور جو انتقال ٿيو.
30 آڪٽوبر 1994ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس ابڙو جي وفات ٿي.
_______
  
حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو