Wednesday 17 July 2013

اڄوڪو ڏينهن 17 جولاءِ تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  17جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

17 جولاءِ 1871ع شاعر نواب غلام لغاري (تاجپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 جولاءِ 1910ع صحافي ۽ آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن تلوڪ تلسياڻي (ڪنڊيارو / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 جولاءِ 1921ع شاعر ڄيٺانند بيتاب (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 جولاءِ 1933ع شاعر پيرل قمبر جو جنم ڏينهن آهي.
17 جولاءِ 1936ع ليکڪ يار محمد جهانگي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
17 جولاءِ 1936ع شاعر ساڌورام عجيب (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
17 جولاءِ 1942ع شاعر ايشور ڀارتي (ٽنڊو آدم / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 جولاءِ 1955ع شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ پي ٽي وي جي پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر تاجدار عادل جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

17 جولاءِ 1816ع اسڪالر حافظ ابو محمد سالم جو انتقال ٿيو.
17 جولاءِ 1940ع آزادي تحريڪ جي اڳواڻ حسارام پمناڻي (روهڙي) جي وفات ٿي.
17 جولاءِ 1974ع شاعر ڇٽل خان مسڪين جو انتقال ٿيو.
17 جولاءِ 1978ع شاعر شاهه محمد نوحاڻي جو انتقال ٿيو.
17 جولاءِ 1993ع ناليواري صحافي فقير محمد لاشاري جي روڊ حادثي ۾ وفات ٿي.
17 جولاءِ 2007ع اداڪار وفا ڀٽي جي وفات ٿي.
 _______

حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

17 جولاء دنيا ۾ انصاف جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو