Sunday 7 July 2013

اڄوڪو ڏينهن 7 جولاءِ تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن 7 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مصروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

7 جولاءِ 1889ع سنڌ جي اڳوڻي وزير ۽ آزاديء جي ويڙهه جي اڳواڻ شيخ عبد المجيد سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1899ع اسڪالر لال سنگهه اجواڻي (خيرپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1909ع ليکڪ تيرٿ وسنت (خيرپور/ دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1937ع ڪهاڻيڪار ۽ دراما نگار علي بابا جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1942ع گلوڪار ليلو جهانگياڻي (ڪراچي / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1942ع ليکڪ ايشور ڀارتي (ٽنڊو آدم) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1943ع شاعر ۽ گلوڪار موتي رام سائل (سنڌ / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1947ع ليکڪ شوڪت راهي جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1947ع قومپرست اڳواڻ حسين بخش ٿيٻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1949ع ليکڪ ڍولڻ راهي جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1949ع صحافي مشتاق علي ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1961ع گلوڪار رحمان مغل (سرمد سنڌي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جولاءِ 1981ع ڪرڪيٽر مهندرا سنگهه ڌوني جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

7 جولاءِ 1825ع سيد رستم علي بکري جو لاڏاڻو ٿيو.
7 جولاءِ 1846ع سنڌ جي اڳوڻي ٽالپر حڪمران مير صوبدار خان ٽالپر جو انتقال ٿيو.
7 جولاءِ 1950ع اسڪالر ۽ ليکڪ ڪاڪو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ديهانت ڪري ويو.
7 جولاءِ 1973ع ليکڪ چوهڙ مل هندوجا ديهانت ڪري ويو.
7 جولاءِ 1986ع لوڪ گلوڪاره مائي ڀاڳي لاڏاڻو ڪري وئي.
7 جولاءِ 2000ع شاعر ۽ اديب نثار بزميءَ جو لاڏاڻو ٿيو.
7 جولاءِ 2007ع شاعر اميد خيرپوري لاڏاڻو ڪري ويو.
7 جولاءِ 2005ع اڳوڻو ايڊيشنل ڊائريڪٽر ليبر مير نور احمد ٽالپر لاڏاڻو ڪري ويو.
_______
 
حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو