Friday 5 July 2013

اڄوڪو ڏينهن 5 جولاءِ تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  5جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

5 جولاءِ 1903ع شاعر ۽ سياستدان سيد گُل محمد شاهه (ٽنڊو غلام علي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1905ع ليکڪ نارائڻ بائيجا (سکر / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1923ع ليکڪا سشيلا پشپ (شڪارپور / الهاس نگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1938ع ڪلاسيڪل راڳ جو گلوڪار استاد گلزار علي خان جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1940ع ليکڪ ۽ سهڻي جي ايڊيٽر طارق اشرف جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1945ع اسڪالر ۽ محقق داد سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1948ع اسڪالر، محقق ۽ ليکڪا ڊاڪٽر فهميده حسين جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1951ع شاعر شعبان واحد جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1953ع اسڪالر ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر نور افروز خواجه (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1959ع ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان گُل حسن ڪلمتي (گڏاپ) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1966ع محقق مشتاق نظاماڻي (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1967ع ليکڪ سانول ميرالي جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1967ع شاعر ۽ سياسي، سماجي ورڪر وزير فرهاد جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1968ع سماجي ورڪر شير عالم جوکيو (ڪونڪر) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1973ع صحافي ميوو مجروح مينگهواڙ (ڪڍڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1981ع سماجي ورڪر خادم لاشاري (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

5 جولاءِ 1951ع شاعر سيد انور علي شاهه (جهانپور) جو انتقال ٿيو.
5 جولاءِ 2008ع ڪالم نگار، ليکڪ، سماجي اڳواڻ زاهد حسين پيرزادو روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو.
 _______
   
حواله:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانه ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو