Wednesday 16 January 2013

اڄوڪو ڏينهن 16 جنوري تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 16 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

16 جنوري 1910ع گلوڪار، شاعر ۽ صحافي هوند راج ڏکايل (لاڙڪاڻو / اديپور) جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1913ع شاعر ۽ صحافي لکمي چند لاهوتي جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1916ع شاعر امان الله مهر جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1926ع ليکڪ گوپي موٽواڻي (نوشهرو فيروز / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1930ع مشهور شاعر استاد بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1947ع ليکڪ محمد اسحاق شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1964ع صحافي ۽ شاعر ارشاد گلاباڻي جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1984ع ليکڪ آسي بدر چنا جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:

16 جنوري 1918ع شاعر آخوند فقير محمد عاجز جو انتقال ٿيو.
16 جنوري 1935ع صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙ جي وفات ٿي.
16 جنوري 1937ع مذهبي اسڪالر مولانا فتح علي جتوئي جي وفات ٿي.
16 جنوري 1966ع فلاسافر، اسڪالر، شاعر، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ ساڌو واسواڻي ديهانت ڪري ويو.
16 جنوري 1976ع شاعر زين العابدين شاهه زينل جي وفات ٿي.
16 جنوري 1980ع شاعر حاجي الهه بچايو وفا لاڏاڻو ڪري ويو.
16 جنوري 2006ع اردو ۽ سنڌي زبان جو ناليوارو شاعر ۽ اديب الياس عشقي سعودي عرب ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

16 جنوري 2014ع تعليمدان ۽ صحافي استاد لائق ٿيٻو وفات ڪري ويو.
___

حواله:

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
 _______

1 comment:

  1. الياس عشقي 12 جنوريءَ تي وفات ڪري ويو

    ReplyDelete