Monday 11 February 2013

اڄوڪو ڏينهن 11 فيبروري تاريخ جي دري مان



اڄوڪي ڏينهن  11 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

11 فيبروري 1904ع شاعر گوڌومل گوورڌن (سڪرنڊ / بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
11 فيبروري 1916ع نصابي ڪتابن جي ليکڪ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي رجسٽرار محمد حسين ترڪ جو جنم ڏينهن آهي.
11 فيبروري 1946ع شاعر غلام قنمبر گوهر (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
11 فيبروري 1961ع ليکڪ امجد دائود پوٽو (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي۔

وڇوڙو:

11 فيبروري 1913ع اسڪالر مخدوم محمد ابراهيم ڀٽي (هالا) جو لاڏاڻو ٿيو.
11 فيبروري 1927ع هالا جي بزرگ هستي مخدوم ميان ظهيرالدين عرف ميان پرو ڄام جو انتقال ٿيو.
11 فيبروري 1947ع ناليواري اسڪالر. لطيف شناس ۽ محقق ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي جي ديهانت ٿي.
11 فيبروري 1957ع سماجي اڳواڻ سرلا ديوي (شڪارپور / لاڙڪاڻو) جي ورسي آهي.
11 فيبروري 1963ع سياستدان سيد غلام حيدر شاهه (نوابشاهه) جو لاڏاڻو ٿيو.
11 فيبروري 1994ع ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ (لاڙڪاڻو) جو لاڏاڻو ٿيو.
11 فيبروري 2013ع قنمبر سان تعلق رکندڙ قومپرست شاعر آتش سنڌي ڪراچي ۾ 60 سالن جي ڄمار ۾ بين هيمبرج سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
 _______
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو

_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو