Monday 4 February 2013

اڄوڪو ڏينهن 4 فيبروري تاريخ جي دري مان


اڄوڪي ڏينهن 4  فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

4 فيبروري 1897ع شاعر پير بخش فاروقي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1940ع اقتصادي ماهر ڊاڪٽر علي اڪبر ڍڪڻ جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1946ع ليکڪ اڪبر اديب جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1946ع شاعر حاجن حبدار مهر جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1949ع ليکڪ زاهد ملڪ جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1953ع ليکڪ اشفاق انصاري (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1954ع ليکڪ گرداس اجي جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1956ع ليکڪ ڪوثر ميمڻ (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1959ع صحافي حسن سهيل (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1961ع شاعر گل حسن لاکو جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1966ع ليکڪ اختر رند جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1968ع ليکڪ نالي مٺو مهيسر جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1968ع صحافي ۽ سماجي ڪارڪن بختيار چنا جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1974ع باليووڊ اداڪاره ارميلا جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1977ع شاعر مظلوم مڱريو جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1977ع شاعر عبدالله شجاع ٽڳڙ جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1977ع صحافي قربان خشڪ جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1978ع شاعر وفا حاڪم وساڻ (ڪوٽڏجي) جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1981ع ليکڪ ثناء الله عتيق چنجڻي جو جنم ڏينهن آهي.
4 فيبروري 1983ع شاعر امر اياز مهر (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

4 فيبروري 1941ع شاعر محمد فقير کٽياڻ جو انتقال ٿيو.
4 فيبروري 1982ع شاعر مرزا اڪمل بيگ (حيدرآباد) جو لاڏاڻو ٿيو.
4 فيبروري 1982ع شاعر پير محمد پياسي (ميرپور ساڪرو) جو انتقال ٿيو.
4 فيبروري 1998ع ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ نظير اعزاز انتقال ڪري ويو.
4 فيبروري 2000ع صحافي، اديب، نقاد، محقق ۽ براڊڪاسٽر ادريس محمد صديق لاهور ۾ انتقال ڪري ويو.
4 فيبروري 2004ع گلوڪاره ملڪه پکراج جو انتقال ٿيو.
4 فيبروري 2005ع سياستدان ڄام ثناء الله مهيسر (رفيق مهيسر) جو انتقال ٿيو.


____________

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو