Monday 18 February 2013

اڄوڪو ڏينهن 18 فيبروري تاريخ جي دريءَ مان

اڄوڪي ڏينهن  18 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

18 فيبروري 1907ع ليکڪ چنچلداس آريا سپوت (نوابشاهه / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 فيبروري 1927ع ليکڪ ڪرشن کٽواڻي (ٺارو شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
18 فيبروري 1931ع هند ۽ سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ اديب ٺاڪر چاولا  جو جنم ڏينهن آهي.
18 فيبروري 1933ع ليکڪ رام گيانچنداڻي (ٺارو شاهه / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
18 فيبروري 1940ع شاعر غلام حسين شاد جو جنم ڏينهن آهي۔
18 فيبروري 1958ع ڊانسر مڌو بخشاڻي (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي۔
18 فيبروري 1974ع شاعر ذوالفقار راز (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي۔
18 فيبروري 1976ع راڳي سعيد احمد تنيو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي۔
18 فيبروري 1984ع ليکڪ رضوان مهيسر جو جنم ڏينهن آهي۔
18 فيبروري ميڊيا سان تعلق رکندڙ ڪي ٽي اين جي نيوز ريڊر مهتاب علي نور جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

18 فيبروري 1989ع درويش سوامي اٽل رام (لاڙڪاڻو) ديهانت ڪري ويو.
18 فيبروري 1936ع صوفي شاعر سيد علي اصغر شاهه راشدي (پير ڳوٺ) جو لاڏاڻو ٿيو.
18 فيبروري 1942ع شاعر هادي بخش مسڪين جو انتقال ٿيو.
18 فيبروري 1942ع صوفي شاعر فتح الدين شاهه مسڪين لاڏاڻو ڪري ويو.
18 فيبروري 1967ع شاعر ۽ سياستدان مولوي احمد علي مجذوب لاڏاڻو ڪري ويو.
18 فيبروري 1977ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان ضيائي وفات ڪري ويو.
18 فيبروري 1986ع ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ عزيز سلام بخاري لاڏاڻو ڪري ويو.

_______



ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو