Tuesday 19 February 2013

اڄوڪو ڏينهن 19 فيبروري تاريخ جي دريءَ مان

اڄوڪي ڏينهن  19 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

19 فيبروري 1879ع ليکڪ ۽ تعليمي ماهر جڳت راءِ ايسرداس (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1916ع تعليمي ماهر پرمانند جيسرام (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1919ع گلوڪار ۽ شاعر هريرام پهوجا (جيڪب آباد / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1949ع سياستدان ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اسفنند يار ولي جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1951ع مذهبي اسڪالر علامه طاهرالقادري جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

19 فيبروري 1952ع مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن مولانا محمد علي جوڻيجو جي وفات ٿي.
19 فيبروري 1974ع ليکڪ ۽ فريڊم فائيٽر نارائڻ داس ملڪاڻي لاڏاڻو ڪري ويو.
19 فيبروري 1998ع پاڪستان جي 450 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ فلمي اداڪار آغا طالش جو انتقال ٿيو.
19 فيبروري 2008ع ليکڪ، صحافي رام ڪرشن هيرانند راهي بمبئي ۾ ديهانت ڪري ويو.

_______

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو 
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو