Tuesday 12 February 2013

اڄوڪو ڏينهن 12 فيبروري تاريخ جي دري مان



اڄوڪي ڏينهن  12 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

12 فيبروري 1868ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد نورنگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 فيبروري 1929ع ليکڪ چوئٿ رام گانڌي (وارهه / احمد آباد)  جو جنم ڏينهن آهي.
12 فيبروري 1931ع شاعر عبدالقادر عابد ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
12 فيبروري 1932ع شاعر چترو ناگپال (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي۔
12 فيبروري 1937ع ليکڪ شيام جئي سنگهاڻي (ڪوئيٽا / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي۔
12 فيبروري 1938ع فائن آرٽس شعبي سان تعلق رکندڙ رضوان عمراڻي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي۔
12 فيبروري 1938ع ليکڪ رام پيسواڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي۔
12 فيبروري 1941ع ليکڪ رهبر ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي۔
12 فيبروري 1960ع ادڪاره هيملتا گهنشياڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي۔
12 فيبروري 1960ع ليکڪ ديدار سولنگي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي۔
12 فيبروري 1962ع شاعر غلام شبير “شبير” جو جنم ڏينهن آهي۔
12 فيبروري 1962ع ليکڪ وحيد قريشي جو جنم ڏينهن آهي۔
12 فيبروري 1974ع صحافي مجيب سومرو جو جنم ڏينهن آهي۔
12 فيبروري 1975ع ليکڪ لطف سيال جو جنم ڏينهن آهي۔
12 فيبروري 1975ع صحافي عبداللطيف سولنگي (نئون ديرو) جو جنم ڏينهن آهي۔
12 فيبروري 1979ع ليکڪ سردار ڀيو جو جنم ڏينهن آهي۔


وڇوڙو:

12 فيبروري 1920ع شاعر مير علينواز شاهه علوي (شڪارپور) جو لاڏاڻو ٿيو.
12 فيبروري 1933ع سماجي ڪارڪن ۽ سماج سڌارڪ مير غلام محمد ٽالپر (ٽنڊو باگو) جو انتقال ٿيو.
12 فيبروري 1940ع ليکڪ نادر بيگ مرزا (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو.
12 فيبروري 1959ع شاعر امام الدين ضامن جو لاڏاڻو ٿيو.
12 فيبروري 1978ع ناليواري تاريخدان ۽ ليکڪ مولائي شيدائي (سکر) جو انتقال ٿيو.
12 فيبروري 1988ع شاعر ۽ اديب امرت راءِ سام جئسنگهاڻي ديهانت ڪري ويو.


 _______
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان
وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو