Friday 15 February 2013

اڄوڪو ڏينهن 15 فيبروري تاريخ جي دريءَ مان




اڄوڪي ڏينهن  15 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

15 فيبروري 1887ع شاعر ڀاون علي شاهه “ساقي” جي پيدائش ٿي.
15 فيبروري 1919ع ليکڪ ۽ تعليمدان عبدالرحيم ڏيٿو جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1919ع بزنيس مين منگهارام ونجاڻي (درٻيلو / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1923ع ليکڪ عبدالله گنڌرو جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1925ع صحافي شيخ علي محمد جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1930ع شاعر ۽ گلوڪار آزاد صوفي (خيرپور / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1932ع اداڪار رام لهيجا (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1933ع شاعر غلام قادر ”سوز“ سومرو پئدا ٿيو.
15 فيبروري 1935ع تعليمي ماهر ڊاڪٽرمير نور محمد ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1935ع شاعر ۽ صحافي ڪرشن لال پرديپ (ڳڙهي ياسين / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1938ع محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1941ع مٽياري سان تعلق رکندڙ سياستدان سيد ذاولفقار علي شاهه ڄاموٽ جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1948ع شاعر احمد حسين احمد جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1948ع دادو سان واسطو رکندڙ ليکڪ سنڌو ميراڻي جي پيدائش ٿي.
15 فيبروري 1951ع صحافي فتح چند ڪالرا (جيڪب آباد) جي پيدائش ٿي.
15 فيبروري 1952ع سگهڙ سگهڙ محمد صديق ساريو جي پيدائش ٿي.
15 فيبروري 1955ع ليکڪ مشتاق پهنور جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1960ع شاعر پرڪاش سيوڪ آهوجا  (الهاس نگر / پونا) جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1964ع ليکڪ صدف حسيني (دادو) جي پيدائش ٿي.
15 فيبروري 1965ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ ليکڪ اظهر هيسباڻي جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1966ع ليکڪ ذوالفقار باڊاهي جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1972ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ بهادر صحافي شهيد اميربخش بروهي جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1973ع شاعر اياز لاکير جو جنم ڏينهن آهي.
15 فيبروري 1974ع شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق احسان دانش جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

15 فيبروري 1869ع اردو جي ناليواري شاعر مرزا اسد الله غالب جي وفات ٿي.
15 فيبروري 1881ع آخوند اميد علي ٿانوي (هالا) جي وفات ٿي.
15 فيبروري 1928ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر هيرانند آڏواڻي ديهانت ڪري ويو.
15 فيبروري 1935ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر سيد حاجي حاڪم شاهه جي وفات ٿي.
15 فيبروري 1967ع تعليمي ماهر رحيم بخش شيخ لاڏاڻو ڪري ويو.
15 فيبروري 1979ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالهادي چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو .

_______

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو 



.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو