Wednesday 13 March 2013

اڄوڪو ڏينهن 13 مارچ تاريخ جي دريءَ مان

اڄوڪي ڏينهن  13 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

13 مارچ 1828ع مغربي محقق ۽ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي جرمنيءَ ۾ پيدائش ٿي.
13 مارچ 1911ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ پبلشر ديو ساڀاڻي جي پيدائش ٿي.
13 مارچ 1918ع شاعر انيس مهيري (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1927ع شاعر ۽ گلوڪار پرشتم چاند (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1941ع صحافي عبدالغفار صديقي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1946ع شاعر تيرٿ چاندواڻي (حيدرآباد / جهونا ڳڙهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مارچ 1955ع قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر مظهر مغل (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مارچ 1955ع سگهڙ بشير ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مارچ 1963ع ناليواري شاعر حليم باغي (روحل واء لڳ عمرڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1968ع صحافي نور حسين ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

13 مارچ 1857ع بزرگ خواجه ناظم الدين جي وفات ٿي.
13 مارچ 1935ع غلام حسين فقير شيخ (شڪارپور / شيخ اياز جو والد) جو انتقال ٿيو.
13 مارچ 2007ع سينيئر صحافي احمد علي خان جو انتقال ٿيو.
13 مارچ 2009ع فلمي اداڪار ڪيفي جو انتقال ٿيو.
_______




ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاء سنڌ سلامت جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو.
_______


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو