Saturday 23 March 2013

اڄوڪو ڏينهن 23 مارچ تاريخ جي دريءَ مان



اڄوڪي ڏينهن 23 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

23 مارچ 1844ع مذهبي اسڪالر ۽ بزرگ ميان غلام صديق (شهداد ڪوٽ ) جي پيدائش ٿي.
23 مارچ 1863ع سماجي ورڪر ۽ صحافي ساڌو هيرانند (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1898ع ليکڪ آچاريه آسودومل گِدواڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1893ع آزادي پسند اڳواڻ گهنشام شِوِداساڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1912ع سياستدان آغا بدرالدين دراني (ڳڙهي ياسين) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مارچ 1924ع ليکڪ وشنداس آسراڻي (شڪارپور /  بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مارچ 1929ع بيگم نصرت ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مارچ 1929ع براڊڪاسٽر سرور بلوچ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1951ع اديبه آشا چاند (سندري ۽ اتم جي ڌيءُ) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1959ع شاعر آصف مٺياڻوي  جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1963ع صحافي احمد رضا بروهي (بوبڪ) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1968ع ليکڪ سردار چنا (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1974ع صحافي شاهد مهيسر (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مارچ 1978ع ليکڪ امداد ٻرڙو (ميرپور ٻرڙو) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1984ع شاعر سجاد حسين سجاد (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1982ع شاعر مجيب سنڌي ڪورائي (دوڙ) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1986ع ليکڪ اسلم پاٽائي جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1988ع شاعر انتظار ابڙو (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

23 مارچ 1809ع اسڪال مخدوم عبدالواحد سيوستاني جي وفات ٿي.
23 مارچ 1931ع آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ شهيد ڀڳت سنگهه کي ڦاهي ڏني وئي.
23 مارچ 1858ع سيد مبارڪ علي شاهه ثاني (گهوٽڪي) جي وفات ٿي.
23 مارچ 1958ع صوفي سوامي رام فقير (دادو / اجمير) جي ديهانت ٿي.
23 مارچ 1992ع ليکڪ عادل سخيراڻي (دادو) جو انتقال ٿيو.
23 مارچ 1998ع گلوڪار استاد وحيد علي خان جو لاڏاڻو ٿيو.
_______


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو




No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو