Friday 29 March 2013

اڄوڪو ڏينهن 29 مارچ تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن 29 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

29 مارچ 1815ع اڳوڻي ڪمشنر سر بارٽل فريئر جو جنم ڏينهن آهي. هن سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ سنڌي زبان جي صورتخطي سنڌي لِپي ٺهرائي.
29 مارچ 1911ع صحافي حافظ خير محمد اوڍي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 مارچ 1918ع شاعر ۽ صحافي جهامنداس مسافر (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1931ع شاعر بلاول پرديسي (خاڻوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 مارچ 1943ع ليکڪ محمود يوسفاڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1943ع شاعر مولانا عبدالغفور احسن جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1954ع ٻاراڻي ادب جي ليکڪ ۽ صحافي اسرار شام (ٽنڊو ڄام) جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1958ع شاعر محمد حيات عاجز جو جنم ڏينهن آهي.
29 مارچ 1962ع شاعر انوارالحق مطلق (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

29 مارچ 1985ع صحافي حافظ خير محمد اوڍي جي وفات ٿي.
29 مارچ 1995ع شاعر ملزم سروري جي وفات ٿي.
29 مارچ 1996ع ناليواري وڪيل ۽ تعليمدان سيد احسان علي شاهه (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
_______

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو