Thursday 7 March 2013

اڄوڪو ڏينهن 7 مارچ تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

7 مارچ 1844ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالغفور مفتون جي پيدائش جو ڏينهن آهي .
7 مارچ 1916ع پينٽر ديو ڪرشن ڀوڄواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جي ولادت ٿي.
7 مارچ 1919ع ليکڪ لالچند آريا (آرائين / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1924ع ليکڪا بادام ناتوان (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1940ع ليکڪ موهن لال ناگديو (سکر / آگره) جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1954ع صحافي محمد عثمان (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1955ع ليکڪ ناز ڪاظمي جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1955ع ليکڪ عبدالڪريم پريمي جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1955ع باليووڊ اداڪار انوپم کير جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1964ع ليکڪ حاجي خان چاچڙ جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1965ع ليکڪ طارق امر آريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 مارچ 1974ع ليکڪ بخاري افضل جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1981ع ليکڪ مير دلشاد ڌاريجو جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1981ع آرٽسٽ حبيب خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

7 مارچ 1998ع ترقي پسند اديب، شاعر ۽ صحافي ڪامريڊ برڪت علي آزاد جي وفات ٿي.
7 مارچ 1999ع ڪميونسٽ ۽ مزدور اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش جو انتقال ٿيو.
7 مارچ 2000ع سياستدان بيگم طاهره آغا جو انتقال ٿيو.
_______

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو