Friday 15 March 2013

اڄوڪو ڏينهن 15 مارچ تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  15مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

15  مارچ  1874ع مشهور مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ مولانا محمد صادق کڏي وارو جي پيدائش ٿي.
15  مارچ  1897ع سماجي ورڪر هري سُندر روپچند جي پيدائش ٿي.
15  مارچ  1897ع تعيلمي ماهر رسول بخش آخوند جي ولادت ٿي.
15  مارچ  1907ع شاعر حبيب الله فڪري جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1913ع شاعر امر لال ساڌواڻي (دادو / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1918ع شاعر انيس مهيري (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1922ع شاعر بردو سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1925ع ناليواري شاعر سليم ڳاڙهوي جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1928ع شاعر لکمي چند پريم (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1930ع اسڪالر ۽ اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر غلام علي الانا جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1935ع صحافي الله ورايو صديقي (شڪار پور) جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1938ع صحافي رحمت الله سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1938ع شاعر ٽيڪچند مست (چوهڙ جمالي / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1939ع شاعر منوهر بجلاڻي (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1944ع ليکڪ سيد حبيب الله شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1949ع شاعر نور احمد ناشاد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15  مارچ  1949ع شاعر سرويچ سومرو (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1951ع شاعر ۽ راڳي حسين بخش خادم جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1951ع ليکڪ جاويد بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1961ع ليکڪ فاروق احمد ڀٽو (بنگل ديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1963ع شاعر قلندر باغي جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1968ع صحافي نور ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1969ع اديب استاد نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1975ع صحافي رياض ڀرچونڊ جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1980ع شاعر عطا الله ساگرابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1980ع شاعر اڪمل ماٿيلوي جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1982ع شاعر تنها اصغر جو جنم ڏينهن آهي.
15  مارچ  1983ع ليکڪ عمران جيلاني جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

15  مارچ  1956ع شاعر سوڀراج “فاني” جو انتقال ٿيو.
_______

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو