Monday 18 March 2013

اڄوڪو ڏينهن 18 مارچ تاريخ جي دريءَ مان



اڄوڪي ڏينهن 18 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

18 مارچ 1878ع سجاول سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر سيد عبدالرحيم شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 مارچ 1885ع شاعر پير ميان غلام سرور سرور (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1907ع سياسي اڳواڻ آنند هنڱوراڻي جي سنڌ ۾ پيدائش ٿي.
18 مارچ 1918ع شاعر عبدالرحمان نسيم (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1938ع باليووڊ اداڪار ششي ڪپور جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1940ع شاعر غلام حسين مجبور (چڪ) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1956ع اسٽيج هدايتڪار پرڪاش پنجابي (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1975ع شاعر ساجد سومرو (ميرپور ٻرڙو) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1975ع ليکڪ اسحاق سميجو (فضل پور) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1982ع شاعر سڪايل اعظم لغاري جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

18 مارچ 1972ع فريڊم فائيٽر مولانا عبدلڪريم مگسي جو انتقال ٿيو.
18 مارچ 1986ع بزرگ گهمڻ فقير کوسو (ڪرم گوپانگ) جو لاڏاڻو ٿيو.
18 مارچ 1993ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو انتقال ڪري ويو.
18 مارچ 1996ع ناليواري راڳي فوٽو خان زرداري انتقال ڪري ويو.
18 مارچ 1995ع ليکڪ قاضي شفيع محمد قريشي (ٽڳا) جو انتقال ٿيو.
18 مارچ 2007ع تي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ باب وولمر جو ڏکڻ آفريڪا ۾  ورلڊ ڪپ هلندي پراسرار موت ٿيو.
_______


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان


وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو