Saturday 30 March 2013

اڄوڪو ڏينهن 30 مارچ تاريخ جي دريءَ مان



اڄوڪي ڏينهن  30 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

30 مارچ 1863ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام رسول (شڪارپور) جي پيدائش ٿي.
30 مارچ 1905ع ليکڪ الله بخش نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي.
30 مارچ 1941ع سياستدان ۽ اڳوڻي صدر وسيم سجاد جو جنم ڏينهن آهي.
30 مارچ 1944ع شاعر خادم حسين همدم (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
30 مارچ 1945ع اديب آخوند عبدالحميد جو جنم ڏينهن آهي.
30 مارچ 1970ع ليکڪ احمد خان احمداڻي (ڊگهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 مارچ 1970ع صحافي ايم اشرف افغان (شهداد ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 مارچ 1979ع اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر مخمور بخاري (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
30 مارچ 1980ع شاعر مير بيتاب پريو (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 مارچ 1981ع ليکڪ سهيل اختر ڪوريجو (پيارو ڳوٺ) جو جنم ڏينهن آهي.
30 مارچ 1984ع شاعر غلام عباس وفا جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

30 مارچ 1726ع بزرگ مخدوم ابو القاسم ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو.
30 مارچ 1878ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شاعر مير حسين علي خان حسين جو انتقال ٿيو.
30 مارچ 2002ع شاعر ۽ باليووڊ فلمن جي مشهور شاعر آنند بخشي جي ديهانت ٿي.  
30 مارچ 2011ع اداڪاره روشن عطا جو انتقال ٿيو.
_______


ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاء سنڌ سلامت جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو.

_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو