Sunday 14 April 2013

اڄوڪو ڏينهن 14 اپريل تاريخ جي دريءَ مان



اڄوڪي ڏينهن  14 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

14 اپريل 1858ع خيرپور رياست جي سابق وزير محمد يعقوب شيخ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 اپريل 1881ع نواب غيبي خان چانڊيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 اپريل 1914ع آرٽسٽ نيوند رام سوني (شڪارپور / احمد آباد) جي پيدائش ٿي.
14 اپريل 1920ع ليکڪ چندو لال جي سنگهاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
14 اپريل 1920ع ناٽڪ نگار آنند ڪندن مل آڏواڻي (ڪراچي) جنم ڏينهن آهي.
14 اپريل 1924ع سياستدان ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ جو جنم ڏينهن آهي.
14 اپريل 1925ع ليکڪ احسن بدوي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
14 اپريل 1942ع شاعر سيد مدد علي منظر جو جنم ڏينهن آهي.
14 اپريل 1970ع شاعر پٺاڻ بڙدي (عبدالله بڙدي) جو جنم ڏينهن آهي.
14 اپريل 1982ع صحافي طارق لطيف (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 اپريل 1983ع شاعر نوشاد ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

14 اپريل 1847ع حيدرآباد جي اڳوڻي حڪمران هز هاء نيس مير نصير خان جو لاڏاڻو ٿيو.
14 اپريل 1865ع سابق آمريڪي صدر ابراهيم لنڪن کي قتل ڪيو ويو.
14 اپريل 1891ع شاعر آخوند محمد قاسم هالائي جي وفات جو ڏينهن آهي.
14 اپريل 1952ع خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير فيض محمد ثاني جو انتقال ٿيو.
14 اپريل 1992ع ڪهاڻيڪار، نقاد ۽ ماهوار سهڻي جي ايڊيٽر طارق اشرف جو لاڏاڻو ٿيو.
14 اپريل 1992ع شاعر سومرو سودائي (دادو) جو انتقال ٿيو.
14 اپريل 1994ع پاڪستاني سائنسدان سليم الزمان صديقي جو انتقال ٿيو.
14 اپريل 2007ع اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جو انتقال ٿيو.
14 اپريل 2010ع مذهبي اسڪالر، مفڪر ۽ عالم دين ڊاڪٽر اسرار احمد جي وفات ٿي.
14 اپريل 2012ع سياستدان عبدالسلام ٿهيم جو لاڏاڻو ٿيو.
_______

 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاء سنڌ سلامت جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو.
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو