Thursday 4 April 2013

اڄوڪو ڏينهن 4 اپريل تاريخ جي دريءَ مان


اڄوڪي ڏينهن  4اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون

جنم ڏينهن:

4 اپريل 1894ع فريڊم فائيٽر مولانا دين محمد وفائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 اپريل 1914ع گلوڪار، موسيقار، شاعر ۽ سياسي اڳواڻ کيئل داس فاني جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1921ع اداڪار آنند آڏواڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1921ع گلوڪار ۽ ليکڪ ارجن سنگهه بجلاڻي (خيروديرو / پونا) جي پيدائش  جو ڏينهن آهي.
4 اپريل 1933ع ليکڪ شهيد سومرو (آراضي) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1940ع شاعر شبير حاتف جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 اپريل 1942ع زرعي سائنسدان ڊاڪٽر عرض محمد انڙ جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1942ع ليکڪ زاهد علي مگسي (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 اپريل 1942ع صحافي ۽ ترقي پسند شاعر احفاظ الرحمان جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
4 اپريل 1944ع وڪيل ۽ سياستدان نجم الدين ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1946ع شاعر عاجز ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1947ع اسڪالر ڊاڪٽر ممتاز بخاري (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1947ع شاعر غلام محمد در (پيارو خان) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1949ع شاعر پرڪاش ديپ جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1950ع صحافي غلام مصطفى عباسي (فريد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1951ع صحافي دستگير ڀٽي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1953ع صحافي صابر علي شاهه (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1972ع ليکڪ مير خان جسڪاڻي (جسڪاڻي) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1973ع ليکڪ اظهار سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
4 اپريل 1973ع بهترين شاعر چندر ڪيسواڻي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

4 اپريل 1852ع شاعر غلام حسين مسڪين جو انتقال ٿيو.
4 اپريل 1913ع مولانا جهان خان دراني جو لاڏاڻو ٿيو.
4 اپريل 1965ع شاعر ثاقب منگي (ڪي اين شاهه) جو انتقال ٿيو.
4 اپريل 1979ع ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي اڍيالا جيل راولپنڊي ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو.
4 اپريل 2008ع ريڊيو ۽ ٽي وي جي مشهور اداڪار انور سولنگي  جو انتقال ٿيو.
_______
  

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ۽ ڪاوش جي مهربانين سان

وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
_______

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو